خوشيرام منشي

خوشيرام، منشي: منشي خوشيرام مير غلام علي خان ٽالپر جي دور ۾ درٻار جو رڪن ٿيو ۽ پنهنجي لياقتن سبب ترقي ڪري ميرن جو صلاحڪار بڻيو. درٻار ۾ هن جو ڪردار اهو رهيو ته جڏهن شاهه شجاع الملڪ شڪارپور تي قبضو ڪيو ته منشي خوشيرام ڪيترا دفعا شاهه شجاع سان ملاقات ڪري، سندس ارادن کان ٽالپر حڪمرانن کي اچي آگاهه ڪندو هو. مير غلام علي خان جي وفات کان پوءِ مير ڪرم علي خان تخت نشين ٿيو، ته ان به خوشيرام کي وڏي عزت سان پنهنجي خاص مصاحبن ۾ شامل ڪيو. منشي خوشيرام پنهنجي سياسي تدبر ۽ تدبيرن جي ڪري ڪافي مشهور هو. کيس خيرپور جي ٽالپرن طرفان وڏي عهدي جي آڇ به ٿي، پر هن انڪار ڪيو ۽ آخر تائين حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن سان وفادار رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو